ڪراچي (رپورٽر) ناڻي واري وفاقي محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٻنهي سرحدن ۽ اندروني حالتن کي نظر ۾ رکندي هٿياربند فوجن جي سهائتا لاءِ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي اڻٽر ٿي وئي آهي، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت کي پنهنجا خرچ گهٽائڻا پوندا، اهو واضح ٿي چڪو آهي ته سرڪاري خرچن ۽ قرضن جي ادائيگين تي ڪنٽرول آندو ويو آهي ۽ مالي نظم ۾ ڪجهه حد تائين بهتري آئي آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته بينڪن کان قرض وٺڻ گهٽائي وڃي، پرائيويٽ شعبي کي قرض گهٽ ملي رهيا آهن، جيڪا ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي، گورنر اسٽيٽ بئنڪ کان ڪمرشل بينڪن جي سستي قرض فراھمي بابت وضاحت طلب ڪئي ويندي، محمد اورنگزيب چيو ته پاليسي ريٽ بابت ڳالهائڻ اسٽيٽ بئنڪ جو ڪم آهي، پرائيويٽ سيڪٽر کي وڌيڪ ڪريڊٽ ڏيڻ لاءِ گورنر هن هفتي بينڪن سان گڏجاڻي ڪندو، حڪومت پنهنجي قرضن جو وياج گهٽايو آهي، ۽ پئسا بچائي اسان پنهنجن آرمڊ فورسز جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، حڪومت 24 سرڪاري ادارا وڪڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پي آءِ اي جي نجيڪاري هن سال جي پڄاڻيءَ تائين مڪمل ٿي ويندي، ملڪ جي معيشت ۾ خانگي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ پاڪستان جي معيشت هاڻي درست رخ تي گامزن آهي، هن چيو ته پيداوار تي ٻڌل معاشي ترقي ئي پائيدار ترقي جو واحد رستو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين به پاڪستان جي معاشي سڌاري جو اعتراف ڪيو آهي.