ڪراچي(رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي مرڪزي اڳواڻن جو هڪ غيررسمي صلاح مشوري وارو اجلاس، جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سينيئر اڳواڻ سيد زين شاهه، حسنين مرزا، ۽ مظفر خان بروهي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔ شرڪائن ترميم سان لاڳاپيل ظاهر ٿيندڙ اطلاعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو،اڳواڻن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو ڪنهن به طريقي سان گهٽائڻ نه صرف وفاقي نظام پر صوبائي خودمختياري تي به سنگين حملو هوندو۔ انهن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عوام جي ديرينه خواهش صوبائي فنانس ڪميشن فوري طور تي قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته قومي فنانس ڪميشن ذريعي 14 سالن کان سنڌ لاءِ ملندڙ کربين رپين جا فنڊ حڪمرانن جي کيسن ۾ ويا، عوام کي ان مان ڪو به فائدو نه مليو ۽ نه ئي انهن ڪڏهن حساب ڏنو،هنن چيو ته موجوده پارليامينٽ فارم 47 جي بنياد تي وجود ۾ آئي آهي، تنهن ڪري ان کي آئيني ترميمن يا تبديلي ڪرڻ جو ڪو به اختيار حاصل ناهي،هنن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 17 سالن کان سنڌ جي عوام کي محرومي، ڪرپشن ۽ بدانتظامي جي عذاب ۾ مبتلا ڪيو آهي، ۽ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هاڻي اها ئي پارٽي ملڪ دشمن سازش ۾ برابر جي شريڪ بڻجي وئي آهي،ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جا عوام باشعور آهن، اهي پنهنجي صوبي جي حقن تي ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو نه ڪندا ۽ نه ئي ڪنهن کي اهڙو ڪرڻ ڏيندا۔