اين ايف سي ۾ آبادي جو حصو گهٽائڻ جي تجويز

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف )وفاقي حڪومت کي نئين نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) ايوراڊ جي تياري لاءِ ٽيڪنيڪي مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي۔ ذريعن موجب وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست لاءِ نئون فارمولو تيار ڪرڻ جي عمل دوران آءِ ايم ايف به مدد لاءِ تيار ٿي ويو آهي۔نئين اين ايف سي فارمولن تحت آبادي جي بنياد تي حصو گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي جاءِ تي تعليم، صحت، ۽ ٽيڪس وصولي کي معيار بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي،ناڻي وزارت جي اختيارين جو چوڻ  آهي ته آءِ ايم ايف سان اڃا باقاعدي مشاورت شروع ناهي ٿي، تنهنڪري نئون فارمولو ڇا هوندو ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو۔ امڪاني تبديلي تحت آبادي جو حصو موجوده 82 سيڪڙو کان گھٽ ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.