اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر 27هين آئيني ترميم تي شديد خدشا ظاهر ڪندي چيو ته هي ترميم وفاق تي حملو ۽ پارليامينٽ جي اختيارن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش آهي،هن چيو ته آئيني ترميم انتهائي سنجيده معاملو آهي، پر هن ترميم سبب ملڪ ۾ هلچل آهي ڇو ته هڪ تاثر پيدا ٿيو آهي ته وفاق صوبن تي حملي آور ٿي رهيو آهي،هن چيو ته 18هين ترميم متفقه طور منظور ٿي، سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون، جڏهن ته 26هين ترميم جي چار شقن تي به اسان جو سخت اعتراض هو۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم تي پارٽي باني سان صلاح مشوري کان پوءِ تفصيلي ردعمل ڏنو ويندو، پر اڳواٽ ئي واضح آهي ته هي ترميم وفاق لاءِ خطرو ۽ پارليامينٽ تي حملو آهي،حڪومت اهڙي ترميم نه آڻي جنهن سان عدليه وڌيڪ ورهائجي وڃي،هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ کي اڄ تائين ڪنهن ناهي ڇيڙيو، هاڻي توهان پوري وفاق کي خطري ۾ وجهي رهيا آهيو،۔18هين ترميم وقت واعدو ڪيو ويو هو ته صوبن جو حصو گهٽ نه ٿيندو، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا ته وفاق ڪمزور ٿي ويندو۔پي ٽي آءِ اڳواڻ حڪومت کي خبردار ڪيو ته عدليه کي وڌيڪ ورهائڻ واري ترميم نه آندي وڃي، ڇوتہ ان سان ادارو وڌيڪ تڪرارن ۾ ڦاسي ويندو،بريسٽر گوهر طنزيه انداز ۾ چيو ته شايد هن ڀيري مولانا جي گهر جا چڪر نه ملائڻا پون، نه ئي اسپيڪر جي ڪميٽي ۾ ويهڻو پوندو،هن چيو ته صوبا انتظار ڪري رهيا آهن ته يارهون اين ايف سي ايوارڊ ڪڏهن ٿو اچي،سپريم ڪورٽ ۾ 56 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن،اهي سينئر جج ڪيڏانهن ويا جن کي اهي ڪيس اڪلائڻا هئا،جڏهن ته پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري 27هين ترميم کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪئي آهي،قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هر دور ۾ چونڊن ۽ مينڊيٽ تي سوال اٿندا رهيا آهن،2018ع جي اليڪشن کي آرٽي ايس اليڪشن ڪوٺيو ويو،هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڪنٽرول جي نه بلڪه نصاب جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون،ڇا پاڪستان ۾ هڪ جهڙي تعليمي نظام جي ضرورت ناهي؟هن چيو ته سموريون شيون اتحادين جي مشاورت سان طئي ٿينديون،آبادي هن وقت پاڪستان جو وڏو چئلينج آهي،اين ايف سي ايوارڊ تي به صلاح مشورا ٿيندا،پي ٽي آءِ اچي ۽ ڪميٽين ۾ ڪردار ادا ڪري،