فوجي ۽ سياسي قيادت جو گڏيل نظام هميشه قائم رهڻ گهرجي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) وفاقي مشير راڻا ثناءالله چيو آهي ته ملڪ ۾ صرف ڏهن پندرهن سالن جو تسلسل نه، بلڪه عسڪري ۽ سياسي قيادت جو موجوده گڏيل سيٽ اپ هميشه دائم رهڻ گهرجي۔  هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءالله چيو ته فوجي ۽ سياسي قيادت گڏجي ڪم ڪندي ته ملڪ ۽ قوم جي بهتر خدمت ٿي سگهي ٿي، ۽ ٻنهي ادارن کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي، تنهن ڪري هي نظام هميشه لاءِ برقرار رهڻ گهرجي۔27هين آئيني ترميم بابت سوال تي رانا ثناءالله ٻڌايو ته ترميم جو ابتدائي مسودو پيپلز پارٽي سان شيئر ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت ترميم آندي پئي وڃي۔رانا ثناءالله وڌيڪ چيو ته جيڪو جج بدلي جي خوف سبب انصاف نٿو ڪري سگهي، اهڙو جج بڻجڻ جو اهل ئي ناهي، اهڙي جج کي استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻ گهرجي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.