هراري (ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي اڳوڻي ڪپتان شان وليمز جو عالمي ڪيريئر ختم ٿي ويو ، هن منشيات جي عادت مان ڇوٽڪاري لاءِ بحالي پروگرام (ريهيبيليٽيشن) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.
زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ تصديق ڪئي آهي ته هاڻ کيس ٻيهر قومي ٽيم لاءِ نه چونڊيو ويندو.
واضح رهي ته 39 ورهين جي آل رائونڊر شان وليمز پنهنجي ملڪ لاءِ ٽنهي فارميٽس ۾ اٽڪل 9 هزار رنسون ٺاهيون ۽ 150 کان وڌيڪ وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون.
سيپٽمبر ۾ هراري ۾ ورلڊڪپ آفريڪا ڪواليفائر کان اڳ هن ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان هٿ کڻي ورتو هو. جاچ دوران هن اعتراف ڪيو ته هو منشيات جو عادي ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي مرضي سان بحالي مرڪز ۾ داخل ٿيو آهي.
زمبابوي ڪرڪيٽ جي بيان موجب، تفصيلي غور ويچار کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته شان وليمز کي مستقبل ۾ قومي ٽيم لاءِ نه چونڊيو ويندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي سڀني سينٽرل ڪانٽريڪٽ يافته رانديگرن مان اعليٰ پيشيواراڻي معيار، نظم ۽ ضبط ۽ ٽيم پروٽوڪولز سان گڏ اينٽي ڊوپنگ ضابطن جي مڪمل پابندي جي اميد رکي ٿو.
ڪرڪيٽ بورڊ موجب، شان وليمز جي رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ماضيءَ ظابطن جي مسئلن ۽ بار بار غير موجودگي سبب ٽيم جي تيارين ۽ ڪارڪردگي کي متاثر ڪندو رهيو آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيتوڻيڪ بورڊ کيس بحالي جي رستي اختيار ڪرڻ تي ساراهيو آهي، پر امڪاني ٽيسٽنگ کان اڳ دستبرداري پروفيشنل ۽ اخلاقي معيار بابت سنجيده خدشن کي جنم ڏنو آهي.
زمبابوي ڪرڪيٽ اعلان ڪيو آهي ته شان وليمز جو موجودا سينٽرل ڪانٽريڪٽ معاهدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿيندو، جنهن ٻيهر واڌ نه ڪئي ويندي.
ان باوجود بورڊ سندس ٻن ڏهاڪن تائين پکڙيل قومي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، هن جو ٽيم جي جديد دور جي ڪيئي تاريخي لمحن ۾ مُک ڪردار رهيو.
بورڊ وڌيڪ چيو ته اسان شان وليمز لاءِ صحتيابي مستقبل لاءِ ڪاميابي جي دعا ڪريون ٿا.