اٽلي 5 هزار سال پراڻا چوري ٿيل نوادرات پاڪستان کي واپس ڪري ڇڏيا

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي بلوچستان صوبي ۾ قديمي آثارن واري هنڌان چوري ٿيل قديمي نوادرات پاڪستان کي واپس ڪري ڇڏيا، اهي نوادرات تقريبن 5 هزار سال پراڻا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اٽلي جي تخت گاهه روم ۾ پاڪستاني سفارتخاني ان اڳڀرائي کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهترين ٻه طرفي سهڪار جو مثال قرار ڏنو.
سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي نوادرات 30 آڪٽوبر 2025 تي روم کان پاڪستان پهچايا ويا.
ان کان اڳ اپريل ۾ 7 ٻيا قديمي نوادرات به اطالوي اختيارين برآمد ڪري ميلان ۾ پاڪستان جي قونصليٽ جنرل حوالي ڪيا هئا.
پاڪستاني سفارتخاني جي بيان موجب چوري ۽ سمگل ٿيل نوادرات جي واپسي ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ مثالي سهڪار جي علامت آهي، جيڪي پاڻ قديمي تهذيبون ۽ يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جا مرڪز رکندڙ آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گذريل 18 ورهين ۾ تقريبن 100 قيمتي نوادرات اٽلي مان برآمد ڪري پاڪستان حوالي ڪيا ويا آهن، اهي قدم ٻنهي ملڪن جي ثقافتي ورثي جي تحفظ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.