نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وومين ڪرڪيٽر امن جوت ڪور وومينز ورلڊڪپ جي فائنل ۾ پنهنجي ٽيم کي تاريخي فتح ڏيارڻ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي انسٽاگرام اسٽوري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
امن جوت ڪور جو نالو هن وقت ڀارتي ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي.
وومينز ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت خلاف ڏکڻ آفريڪي ٽيم 299 رنسن جي هدف حاصل ڪرڻ ۾ رڌل هئي، ان دوران ڪريز تي ڪپتان لورا والوارٽ 101 رنسن جي شاندار اننگز سان موجود هئي.
فائنل جي دٻاءُ ۽ وڌندڙ رن ريٽ سبب لورا هڪ زوردار شاٽ کيڏي، جتي بائونڊري لائين تي موجود امن جوت ڪور هڪ ڏُکيو ڪيچ پڪڙي سندس اننگز تمام ڪندي ڀارت جي فتح ۾ بيٺل آخري رنڊڪ ختم ڪري ڇڏي.
ان ڪيچ ميچ جو پاسو بدلائي ڇڏيو، ڀارتي مداحن جي وساڻل چهرن تي مرڪون تري آيون ۽ کين لڳو ته هاڻي ورلڊ ڪپ ڀارت جو آهي ۽ آخر ۾ ٿيو به ائين.
ورلڊڪپ کٽڻ کانپوءِ هڪ انٽرويو ۾ عورت ڪرڪيٽر جي پيءُ چيو ته ” عالمي ڪپ دوران منهنجي ماءُ، يعني امن جي ڏاڍي کي دل جو دورو پيو، پر اسان امن کي نه ٻڌايو، ڇو ته اسان چاهيون پيا ته سندس سڄو ڌيان ڪرڪيٽ ۽ ورلڊڪپ تي کتل هجي.“
هن ٻڌايو ته ” منهنجي ماءُ ان ڏينهن کان امن جوت کي سپورٽ ڪري رهي آهي، جڏهن کان هن گهٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي هئي.“
هن چيو ته ” جڏهن مان پنهنجي دڪان تي هوندو هوس ته امان گهر جي ٻاهران يا پارڪ ۾ ويهي امن جوت کي ڇوڪرن ۽ ٻين ڇوڪرين سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسندي هئي. “
ٻئي پاسي، هن بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جعلي خبرون پکڙجي ويون ته امن جوت جي ڏاڍي لاڏاڻو ڪري وئي آهي، پر انهن خبرن جي ترديد ڪندي امن جوت انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي.
امن جوت پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته ” مان ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ڏاڍي ٺيڪ ۽ صحتمند آهن، مهرباني ڪري آن لائين گردش ڪندڙ غلط خبرن تي يقين نه ڪريو ۽ اهڙيون ڳالهيون نه پکيڙيو.“
لورا جو ڪيچ ۽ ڀارت لاءِ ميچ پڪڙيندڙ امن جوت ڪور ، جنهن کان ڏاڏيءَ جي دل جي دوري جي خبر ڳجهي رکي وئي
You might also like