سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڪرڪيٽ جي نالي تي عالمي رانديگرن سان فراڊ جو واقعو پيش آيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، انڊين هيون پريميئر ليگ (آءِ ايڇ پي ايل) جي نالي سان هڪ ٽورنامينٽ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽرن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي، جڏهن ته آسٽريلوي ڪرڪٽر شان مارش ۽ بنگلاديشي آل رائونڊر شڪيب الحسن دعوت ملڻ باوجود ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رانديگرن کي پيسن جي ادائيگي نه ٿيڻ سبب ٽورنامينٽ ملتوي ڪرڻي پئي، ايونٽ جي انتظاميا ۽ ليگ جا مالڪ رقم ڏيڻ بنا ئي رات پيٽ ۾ گم ٿي ويا، جنهن سبب ويسٽ انڊين ليجنڊ ڪرس گيل به ٽورنامينٽ اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو.
والاريل ڪشمير جي بخشي اسٽيڊيم ۾ پهريان ڪجهه ميچون ٿيون، پر ان کان پوءِ حالتون بگڙڻ لڳيون، خبرون سامهون اچڻ بعد پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، انڊين هيون پريميئر ليگ جون ميچون 25 آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين شيڊيول هيون، پر رانديگرن سان گڏ امپائرز ۽ هوٽل مالڪن کي به ادائيگيون نه ڪيون ويون.
ٻئي پاسي ڄمون ۽ ڪشمير ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۽ جي ڪي اسپورٽس ڪائونسل جي اختيارين طرفان ٽورنامينٽ کان مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
You might also like