نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر نيو يارڪ سٽي جي ميئر شپ لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ مسلمان اميدوار ظهران ممداني ميدان ماري ورتو.
آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن مسلمان اميدوار اهو عهدو حاصل ڪيو آهي، غير سرڪاري نتيجن موجب ظهران ممداني 50.3 سيڪڙو (10 لک 24 هزار 794) ووٽ کڻي اڳتي رهيو، جڏهن ته سندس مخالف نيو يارڪ جي اڳوڻي گورنر اينڊريو ڪوومو 8 لک 47 هزار 200 (41.6) سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.
ظهران ممداني ڪاميابي کانپوءِ ووٽرن کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو نيو يارڪ کي هڪ اهڙو شهر بڻائيندو، جتي هر هڪ جي آجيان ڪئي وڃي، نيو يارڪ ۾ هاڻ اسلامو فوبيا جي ڪا گنجائش ناهي.
هن چيو ته اڄ خوف جي شڪست ۽ اميد جي فتح ٿي آهي، نيو يارڪ ۾ موروثي سياست جو خاتمو ٿي ويو آهي، هي شهر توهان جو آهي، جمهوريت به توهان جي آهي ۽ مستقبل توهان جي هٿن ۾ آهي.
آمريڪي صدر کي مخاطب ٿيندي ظهران ممداني چيو ته مون کي خبر آهي توهان ڏسي رهيا آهيون، تنهن ڪري آواز اوچو ڪيو، جنهن تي هجوم نعريبازي شروع ڪئي.
آمريڪا ۾ نئين تاريخ رقم، ظهران ممداني نيو يارڪ جو پهريون مسلمان ميئر چونڊجي ويو
You might also like