آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سخت مقابلي کان پوءِ ست رنسن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
آڪلينڊ جي ايڊن پارڪ ۾ ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون، ڪپتان شاءِ هوپ 53، رومين پائول 33 ۽ روسٽن چيز 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
نيوزيلينڊ طرفان جيڪب ڊفي ۽ زيڪ فالڪس ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪائل جميسن ۽ جميز نيشام هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
نيوزيلينڊ 165 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي مقرر اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهي سگهي.
اوپنر ٽِم روبنسن 27 ۽ ڊيون ڪانوي 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، ٻين رانديگرن ۾ راچن رويندرا 21، مارڪ چيپمين 7، ڊيرل مچل 13، مائيڪل بريسويل 1 ۽ جميز نيشام 11 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان مچل سينٽنر ناٽ آئوٽ 55 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، پر ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو ۽ نيوزيلينڊ ستن رنسن تان ميچ هارائي وئي.
ويسٽ انڊيز جي جيڊن سيلز ۽ روسٽن چيز 3، 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ميٿيو فورڊي، رومارئيو شيفرڊ ۽ عقيل حسين جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
آل رائونڊر ڪارڪردگي تي روسٽن چيز کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
روسٽن چيز نيوزيلينڊ جي ”چيز“ آڏو رنڊڪ بڻجي ويو، پهرين ٽي ٽوئنٽي ويسٽ انڊيز کٽي ورتي
You might also like