اي چالان کانپوءِ حادثا گهٽجي رهيا آهن، مقصد قانون تي عمل ڪرائڻ آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته حڪومت طرفان اي چالان سسٽم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ آهي، حڪومت ڪنهن کان نٿي ڊڄي، اسان جي ان قدم سان شهر ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽريفڪ چالان تي سياسي جماعتون تنقيد ڪري رهيون آهن پر قانونن تي عمل نه ڪرڻ سان جاني نقصان ٿيندو آهي، اي چالان جو مقصد ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪرائڻ آهي، حڪومت ڪنهن کان نٿي ڊڄي.
هن چيو ته اسان ٽريفڪ قانون تبديل ڪيا، ڇو ته گذريل قانونن تي عمل نه پيو ٿئي، نون قانونن سان بهتري اچي رهي آهي، اسان اهي فيصلا ڪنداسين جيڪي عوام جي حق ۾ بهتر هجن، اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪن، ڪنهن جو هڪ رپيو به نه وڃي.
سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ چالان سبب حادثا گهٽجي رهيا آهن، ڊمپر واقعي ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن اهي گرفتار ٿيا آهن، ڪراچي جي انفرا اسٽرڪچر تي تيزي سان ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.