پاسما کنڊ بحران جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان شوگر ملز ايسوسئيشن چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي ڪمي يا قيمتن ۾ واڌ جو ذميوار شوگر انڊسٽري ناهي، بلڪه حڪومت جي قدمن سبب کنڊ جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي. پاکستان شوگر ملز ايسوسئيشن جي اعلان مطابق، غير معياري درآمدي کنڊ وڪڻڻ لاءِ ایف بی آر پورٽلز بند ڪيا ويا، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ کنڊ جي ڪمي ٿي ۽ قيمتون وڌڻ شروع ٿيون. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جي وڌندڙ قيمتن بابت حڪومت کي آڪٽوبر شروع ٿيڻ کان ئي مختلف خطن ذريعي آگاھ ڪيو ويو هو. انڊسٽري طرفان خطن ذريعي مخالفت ڪئي وئي هئي ته غير ضروري درآمدي کنڊ نه آڻڻ گهرجي، ۽ ایف بی آر جي پورٽلز کي کولڻ گهرجي ته جيئن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي فراهمي مسلسل جاري رهي. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت کي پهريون تنبيهي خط 4 آڪٽوبر تي لکيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.