ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار علي شاهه، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيجوهو کان پرو چانسلر جو عهدو واپس وٺي يونيورسٽين ۽ بورڊز بابت صوبائي وزير اسماعيل راهو کي ڏنو ويو، جنهن جو باقاعدا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب اسماعيل راهو هاڻ سڀني سرڪاري يونيورسٽين جو پرو چانسلر هوندو ان کان اڳ هلندڙ سال 3 آگسٽ تي سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ٽن وزيرن کي صوبائي يونيورسٽين جو پرو چانسلر مقرر ڪيو هو، ان تحت سردار شاهه کي جنرل يونيورسٽين، ڄام خان شورو کي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۽ ضياءُ الحسن لنجار کي لا يونيورسٽي جو پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو هو، ڊاڪٽر عذرا فضل پيجوهو اڳ ئي ميڊيڪل يونيورسٽين جي پرو چانسلر هئي، يونيورسٽي ايڪٽ موجب ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ڪراچي جو پرو چانسلر ڪراچي جو ميئر ئي رهندو.