لاهور(امداد سومرو)سنڌ جي سياست ۾ وڏو امتحان شروع ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري جو ڏکيو وقت اچي چڪو آهي، ۽ صرف زرداري نه پر بلاول ڀٽو زرداري پڻ سياسي آزمائش مان گذري رهيا آهن. هڪ پاسي مستقبل جو وڏو سياسي ڪردار آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي سياست، ۽ ٽئين پاسي اسٽيبلشمينٽ سان قربت جو معاملو.هاڻي سوال اهو آهي ته قرباني ڪهڙي ڏبي؟ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان فاصلو رکن ٿا ته بلاول جيوزيراعظم بڻجڻ جا امڪان ڪمزور ٿي سگهن ٿا. ۽ جيڪڏهن بلاول اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي جي مخالفت ڪري ٿو ته پوءِ سندس سياسي ساک متاثر ٿي سگهي ٿي.6نومبر تي پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس ٿيڻ وارو آهي، پر ان کان اڳ ئي پارٽي اندر بحث جاري آهي. ستاويهين آئيني ترميم جي تجويزن کان پوءِ معاملو وڌيڪ سنجيده ٿي ويو آهي. سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ٻن ڪنارن تي بيٺل آهي، هڪ طرف اقتدار، ٻئي طرف اصول ۽ صوبائي حق.جيڪڏهن پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪري ٿي ته سنڌ ۾ سياسي نقصان ٿي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن صوبائي حقن تي بيٺي رهي ته اقتدار کان پري ٿي سگهي ٿي، ۽ اهو به خدشو آهي ته سنڌ حڪومت کي ٻين هٿڪنڊن ذريعي تنگ ڪيو وڃي ،جيئن اڳ مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر جي قريبي ماڻهن سان ٿيو هو.پيپلز پارٽي واضح طور تي 18هين ترميم ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ٿيڻ ڏيڻ چاهي ٿي. شازيه مري، نثار کهڙو ۽ رضا رباني جهڙا اڳواڻ واضح موقف ڏئي چڪا آهن ته 27هين ترميم صوبائي خودمختياري تي حملو آهي، ۽ ان سان وفاق ڪمزور ٿيندو. رضا رباني خبردار ڪيو آهي ته اهڙي ترميم سان قوم پرست ۽ جدا طلب قوتون ٻيهر مضبوط ٿي سگهن ٿيون.بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ کان پوءِ هن بحث ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي. هڪ طرف وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش، ٻي طرف پارٽي جو تاريخي موقف. پيپلز پارٽي لاءِ سڀ کان بهتر اهو آهي ته هو اقتدار قربان ڪري، پر پنهنجي نظريي ۽ عوامي ساک کي بچائي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪالاباغ ڪينال جهڙي سخت سياسي صورتحال ۾ به بلاول سنڌ جي عوامي موقف تي بيٺو هو ۽ اسٽيبلشمينٽ کي پوئتي هٽڻو پيو هو. هاڻي وري ساڳي قسم جو وڏو امتحان اچي ويو آهي، ۽ هي معاملو ان کان به وڏو آهي ڇو ته هن ڀيري ڳالهه سڌي 18هين ترميم ۽ صوبائي حقن جي آهي.ٻئي طرف مسلم ليگ نون اسٽيبلشمينٽ جي منصوبن سان مڪمل طور گڏ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي مزاحمت ڪندي ته بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ جا رستا بند ٿي سگهن ٿا، ۽ سندن خلاف نوان ڪيس ۽ دٻاءُ وڌائي سگهجي ٿو.