اسلام آباد (قربان بلوچ) سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽي چيئرمين آئيني ترميم جي حوالي سان وقت کان اڳ تفصيل ڇو ٻڌائي ڇڏيا؟ ڇو ته روايتي طور تي اتحادي پارٽيون پهريان مشاورت ڪنديون آهن. ان کان اڳ 26هين ترميم بابت ڪي نقطا سامهون نه آيا هئا. اسلام آباد ۾ تاثر اهو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ پنجاب ۾ جيڪا جنگ هلي رهي هئي، بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ طرفان نقطا آڻڻ بابت شيون عوام آڏو رکي ن ليگ تي وڏو وار ڪيو آهي ته ن ليگ عوام دشمني تي لهي آئي آهي ۽ 18هين ترميم خلاف بيهي رهي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي سولائي سان نه مڃيندي. ن ليگ جي اڳواڻن طرفان بيان بازي هلي رهي هئي ته اسلام آباد مان هڪ وفد نوابشاهه صدر سان ملاقات لاءِ پهتو هو، ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري ان ملاقات ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو هو ۽ هو شامل نه هو. بلاول چيو هو ته هو ڪنهن سان به ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻي جڏهن ن ليگ جو وارو آيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڄاڻي واڻي وقت کان اڳ پول پڌرا ڪيا. اهڙي ريت پيپلزپارٽي لاءِهڪ موقعو آهي ته هو عوام ۾ سرخرو ٿئي. پ پ جي سي اي سي ۾ فيصلي کان اڳ پ پ اڳواڻن جا اهڙا بيان به اچڻ شروع ٿي ويا آهن. بلاول ڀٽو زرداري سياسي گيم ڪئي آهي، تاثر اهو آهي ته پ پ عوامي مفادن تي سودو نه ڪندي. آرمي چيف جي مدي جي حوالي سان چيو ويو هو ته مدو مقرر ٿي چڪو آهي پر ذريعن موجب هلندڙ مهيني آرمي چيف جي مقرري جو حوالو به اچڻو آهي جنهن جو ذڪر آئيني ترميم ۾ ڪيو ويندو. آرٽيڪل 243 ۾ ممڪن آهي ته مدي جي حوالي سان ڳالهيون هجن.