لاهور (گوهر بٽ) هن وقت 27هين ترميم تي بحث هلي رهيو آهي ۽ ماضي ۾ جڏهن اهڙي قسم جون ڳالهيون ٿينديون هيون ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي حتمي ملاقات ٿيندي هئي. ان کان اڳ پ پ ۽ ن ليگ جا ٻيا اڳواڻ ملاقاتون ڪندا هئا. ملاقات ۾ نواز شريف آصف علي زرداري کان جيڪو چاهيندو هو، مڃرائي وٺندو هو. هن ڀيري به ائين لڳي ٿو ته نواز شريف جي ضرورت پوندي ۽ اهو جيستائين مداخلت نه ڪندو تيستائين شيون بهتري ڏانهن نه وينديون، ائين سولو نه ٿيندو ته ترميم پيش ٿئي ۽ پاس ٿي وڃي. ڇو ته پيپلزپارٽي جي شازيا مري چيو آهي ته 18هين ترميم اسان جي دل جي ويجهو آهي جڏهن ته راڻا ثناءُالله چيو هو ته اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني جي ضرورت آهي. يا ته ن ليگ پ پ کي قائل ڪندي يا پ پ ن ليگ کي قائم ڪندي.