27هين ترميم ۾ ڪنهن به غلط شق جي حمايت نه ڪبي\ناصر شاهه

روهڙي (ن ع آ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ۾ ڪنهن به غلط شق جي حمايت نه ڪئي ويندي، روهڙي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته 27هين ترميم ۾ ملڪ يا صوبي جي مفادن جي ابتڙ ڪا به ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي، آئيني ترميم بابت حتمي فيصلو پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي  ۾ ڪيو ويندو ۽ پيپلز پارٽي ڪنهن به غير مناسب شق جي حمايت نه ڪندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جون آفرون اڳ به ٿيون پر پارٽي جي اڪثريت انڪار ڪيو، صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ميمبرن جي راءِ جي بنياد تي حڪومت جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو، ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته خيبر پختونخوا جا مسئلا  ڏڦيڙ واري سياست سبب آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پرامن جماعت بڻجي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، سھيل آفريدي جو فرض آهي ته هو پنهنجي صوبي جي عوام جي حفاظت يقيني بڻائي، ڪي پي ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.