ڪراچي(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان، اداري نور حق ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 27 هين آئيني ترميم عدليه تي حڪومت جي اجارداري قائم ڪرڻ جي ڪوشش آهي.جماعت اسلامي ڪڏهن به 26 هين آئيني ترميم وانگر 27 هين آئيني ترميم کي قبول نه ڪندي، 27 هين ترميم ذريعي حڪومت کي هاءِ ڪورٽ جي ججن جي منتقلي جو اختيار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙيون ترميمون آئين ۽ جمهوريت ٻنهي سان کيڏڻ آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فرانزڪ آڊٽ جي ضرورت آهي،هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن قومي ۽ مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي رد ڪري ڇڏيو هو. ڪراچي ۾ تباهي ۽ بربادي جون ذميوار قوتون اهي ئي آهن جن انهن کي فارم 47 ذريعي ٻيهر لاڳو ڪيو. جماعت اسلامي لسانيات جي سياست کي رد ڪري ٿي. ڪراچي 40 سالن جي لساني سياست جا نتيجا ڀوڳي چڪو آهي.