ڊگھڙي(پ ر) 27ھين آئيني ترميم سنڌ جي وجود مٿان قھري وار ۽ حملو آھي. رٿيل آئيني ترميم وسيلي وفاق کي صوبا ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ملڪ ۾ شامل قومن جي تاريخي وجود ۽ پاڪستان ۾ شامل تاريخي قومن جي ثقافت، ٻولي، ڪلچر ۽ تھذيب کي ختم ڪرڻ برابر آھي. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار،امير بخش جروار، خير محمد چانڊيو، وزير چانڊيو عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ دولت موڙ، ابراھيم چانڊيو ۽ ڳوٺ چاڪر چانڊيو ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. ھنن وڌيڪ چيو ته 27 ھين آئيني ترميم وسيلي پاڪستان جي خالق صوبي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخ، تھذيب، ٻولي ۽ سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جمھوريت جي نالي ۾ ملڪ مٿان راتاھو ھڻي بدترين آمريت ملسط ڪري ڇڏي آھي،ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري دھشتگردن ۽ سردارن حوالي ڪرڻ، خلاف 16 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان سٽي گيٽ حيدرآباد کان پريس ڪلب تائين پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، گڏجاڻي ۾ غلام محمد چانڊيو، زين چانڊيو، اقبال چانڊيو، نديم، عرفان، ياسمين، ممتاز، رضوان سميت ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي.