سنڌ جي وحدت خلاف ڪا ترميم برداشت نه ڪنداسين:صنعان قريشي

ڪراچي/ملير (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ، 27 هين ترميم سميت ڪا به اهڙي ترميم کي برداشت نه ڪندي، جنهن ۾ سنڌ جي وجود ۽ بقا خلاف سازش هجي، جسقم چيئرمين جو چوڻ هو ته پنجاب سنڌ کي وڌيڪ غلام رکڻ لاءِ 27هين ترميم جي بنياد تي سنڌ جي حڪمرانن سان گڏجي سنڌ جي وحدت خلاف سازشون پيا ڪن، جيڪا سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته سڄي سنڌ وقت جي حڪمرانن خلاف روڊن تي نڪري ايندي ۽ سنڌ جي وحدت لاءِ سنڌي ماڻهو هر قرباني ڏيڻ کي اوليت ڏيندو، جيڪڏهن سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ختم نه ٿيون ته حڪمران جي هر سازشي محلن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.