شڪارپور (ڊ ر) بئريسٽر عمر سومرو سومرا ھائوس تي پھچي ڪري پنھنجون سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آھن سومرا برادري توڙي شھرين جو وڏو انگ سومرا ھائوس پھتو جتي عمر سومرو شھر جي معزز ين سان ملاقاتون ڪري شھرين جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ مسئلا حل ڪرڻ جو شھرين کي يقين ڏياريو جڏھن ته عمر سومرو اڄ پريس ڪلب پڻ پھچيندو جتي ھو پريس ڪلب جي ميمبرنسان ملاقات ڪندو جڏھن ته پريس ڪانفرنس پڻ متوقع آھي ياد رھي ته پ پ اڳواڻ امتياز شيخ بئريسٽر عمر سومرو جي سياست ۾ اچڻ واري اعلان بعد کيس مردار قرار ڏنو ھو جنھن کانپوء سومرا برادري پاران پڻ امتياز شيخ مٿان سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي ھئي سڄاڻ حلقن پاران عمر سومرو جي سياست واري فيصلي کي خوش آئيند سمجھيو پيو وڃي انھي حوالي سان بيريسٽر عمر سومرو پھنجي بيان ۾ چيو ته بد امني ۽ ڪرپشن شھر کي اجاڙي ڇڏيو آھي ماڻھو خوف ۾ ورتل آھن اھڙي صورتحال ۾ شھرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ھي شھر اسان جو آھي اسان کي ئي ان شھر جي مالڪي ڪرڻي پوندي شھري ساٿ ڏين ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي سگھي ٿو ھن چيو امتياز شيخ نازيبا لفظ استعمال ڪري پنھنجي پارٽي اڳواڻن جي توھين ڪئي ڇو جو مان ته پيپلز پارٽي ۾ ناھيان ھن وڌيڪ چيو ته شھرين کي ميونسپل ڪاميثي طرفان غير قانوني پيسن لاء چالان ۽ نوٽيس موڪلي پريشان ڪيو پيو وڃي ڪو به شھري ڪوڙا چالان نه پياري جيڪو اھڙا چالان کڻي اچي ان خلاف قانوني ڪاروائي. ٿيندي شھري پريشان نه ٿين آءُ شھرين سان ھر وقت گڏ آھيان