اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)ناليواري صحافي ۽ تجزيه نگار مظھر عباس چيو آھي ته پاڪستان ۾ موجوده حالتن ۾ آئين ۾ وڏي پيماني تي تجويز ڪيل ترميمون ڳڻتي جوڳو عمل آهن، خاص طور تي جڏهن انهن کي تڪڙي طريقي سان آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ارڙهين ترميم تي9 مهينا بحث ٿيو هو،اخبارن ۾ اشتهار ڏئي پارليامينٽ، ميڊيا ۽ عوام کان رايا ورتا ويا هئا ۽ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو هو، پر هاڻي اها جلد بازي ڇو؟ هن سوال اٿاريو ته آخر وفاق ايترو وڏو ڪارنامو ڪهڙو سرانجام ڏنو آهي جو تعليم ۽ ٻين اختيارن کي صوبن کان واپس وفاق ڏانهن منتقل ڪيو وڃي؟هن چيو ته کيس نه ٿو لڳي ته ارڙهين ترميم مڪمل طور رول بيڪ ٿيندي، پر شايد ارڙهين ترميم جي نالي تي ڪجهه ٻيو ٿيڻ وارو آهي ۽ اقتدار جي اصل ڍانچي ۾ تبديليون آڻڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.مظھر عباس وڌيڪ چيو ته اسان ڏينهن گذرڻ سان جهموريت کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رهيا آهيون، ۽ سياسي جماعتون پاڻ اهڙين ترميمي ڪوششن جو شڪار ٿي رهيون آهن، جن سان انهن جي سياسي قوت ۽ فيصلا سازي جو دائرو محدود ٿي سگهي ٿو،مثال طور تعليم جو شعبو صوبن کان واپس وٺي وري وفاق حوالي ڪيو پيو وڃي،وفاق تعليم جي ميدان ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن،ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته صوبن به ان شعبي ۾ ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو،