ڀارت سنڌ طاس ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪرڻ چاهي ٿو، اهڙا حربا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين/صدر زرداري

دوحا(م ڊ) صدر آصف علي زرداري برابري، اتحاد ۽ انسانيت جي حقن جي احترام تي ٻڌل سماجي هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. دوحا ۾ سماجي ترقي بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، صدر   چيو ته غريبي جي سڀني شڪيلن کي ختم ڪرڻ، مڪمل ۽ بامقصد روزگار جي ترقي، ۽ سڀني لاءِ عزت وارو ڪم مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ترقي پذير ملڪن جي ضرورتن کي سامهون رکندي، اسان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته عالمي ادارا جامع ۽ ذميوار هجن. صدر چيو ته پاڪستان پاليسي سازي ۾ عوام کي مرڪز ۾ رکڻ جي عزم تي قائم آهي . هن چيو ته پاڪستان جو نمايان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هن وقت تائين 90 لک خاندانن کي مالي مدد، صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪري چڪو آهي، ۽ اهو تاريخي پروگرام دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي چڪو آهي ۽ هن ڪيترين ئي زندگين کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.صدر   چيو ته پائيدار ترقي جا هدف  اسان جي ترجيحات ۾ شامل آهن، ۽ پاڪستان جو مقصد شرحِ خواندگي کي 90 سيڪڙو تائين وڌائڻ ۽ هر ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل انٽرن شپ پروگرام ذريعي نوجوانن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ هر ٻار جو اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ به پُختو آهن. ماحولياتي تبديلين جي اثرن تي ڳالهائيندي، آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پائيدار ۽ مزاحمتي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي جيئن ترقي سبز، جامع ۽ ڊگهي عرصي لاءِ پائيدار هجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ نئين خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪو پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ آهي، مخالف ڌر طرفان سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي وڃي ٿي، پر اهڙا حربا ڪامياب نه ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.