ساڃاهه وندن پاران ماڻهو کنڀڻ خلاف 9 نومبر تي احتجاج جو اعلان

حيدر آباد (رپورٽر) قوم پرست سياسي سماجي ڌرين جبري گمشدگين، عدالت کان مٿاهن قتلن ۽ سنڌ جي وحدت سان ڇيڙ ڇاڙ خلاف 9 نومبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ رياض چانڊيو جي گھر تي ھڪ قومي ويھڪ ٿي گذري، جنھن ۾ احتجاجن جو سڏ ڏنو ويو، ويھڪ ۾ جسقم ش،ب اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي نائب صدر روشن علي ٻرڙو، جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ انور بڙدي، جيئي سنڌ قومي پارٽي اڳواڻ محمد علي خشڪ، سنڌ ھاري ڪميٽي اڳواڻ احمد نواز انقلابي، قومي عوامي تحريڪ  جي الطاف خاصخيلي، ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي نمائندن پشپا ڪماري ۽ سليم جروار، ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو، نواز شاھ، پنھل جمالي ،پنھل ساريو، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، الاھي بخش چاچڙ، پرويز سنڌو، ممتاز آريسر شرڪت ڪئي، اڳواڻن ويھڪ ۾ ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان جا حڪمران جيڪي لاڳيتو قومن جي وجود ۽ سندن تاريخي وطنن سان ظلم ۽ زيادتيون ڪندا رھيا آھن. حڪمران 26 ھين ترميم نافذ ڪري سنڌ سان جبر ڪري چڪا آھن ھڪ دفعو ٻيھر 27 ھين آئيني ترميم لاڳو ڪري سنڌ جا پيداواري وسيلا قومي اختيار اين ايف سي ايوارڊ تي راتاھو ھڻڻ توڙي سنڌ جي وحدت تي وار ڪري نوان صوبا ٺاھڻ چاھين ٿا. اڳواڻن چيو ته اسين اهڙن ترميمي بلن جي مذمت ڪندي خبردار ڪريون ٿا ته سنڌين بلوچن ۽ پختونن جي تاريخي وطنن سان ھٿ چراند سندن مالي ۽ قدرتي وسيلن سان وڌيڪ ڏاڍ ھرگز برداشت نـ ڪئي ويندي. اڳواڻن چيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورا قومي ڪارڪن آزاد ڪريو،  جن کي کنڀڻ بعد ظاھر ڪري ٻيھر کنڀيو ٿو وڃي ھٿرادو بارود ڏيکاري يا مختلف طريقن سان ڪوڙا ڪيس مڙھيا ٿا وڃن اھو سلسلو بند ڪيو وڃي.   عدالتن کان مٿاھين قتلام کي بند ڪري ھاف فراءِ فل فراءِ ذريعي ماڻھو مارڻ يا اپاھج ڪرڻ بند ڪري ڊاڪٽر مھمير تنيو جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ جاري بنيادي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون فوري روڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.