ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 3485 اي چالان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف اليڪٽرانڪ چالان جو سلسلو جاري آهي، ٽريفڪ پوليس جي جاري ڪيلتفصيل موجب ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 3485 اي چالان جاري ڪيا ويا، جن مان سڀ کان وڌيڪ 2433 چالان سيٽ بيلٽ نه پائڻ تي ٿيا، پوليس موجب هيلميٽ نه پائڻ تي 511، سفر دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ تي 78، غلط رخ ۾ ايندڙ گاڏين تي 27 ۽ اوور اسپيڊنگ تي 51 اي چالان ڪيا ويا، ان کان سواءِ بس جي ڇت تي مسافر ويهارڻ تي 45 ۽ زيبرا ڪراسنگ جي ڀڃڪڙي تي 5 اي چالان به جاري ڪيا ويا، ٻئي پاسي شهرين پاران ڳرا اي چالان موڪلڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته قانون تي سڀني کي عمل ڪرائڻ گهرجي، رستن جي حالت خراب آهي پر چالان ڳرا ملن پيا، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ۽ ٽريفڪ اهلڪار پاڻ ٽريفڪ قانونن تي عمل نه پيا ڪن، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ اي چالانن جي وڌندڙ واقعن سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ پوليس موجب حڪيم الله نالي شخص کي هڪ ئي ڏينهن ۾ شهر جي مختلف هنڌن تان ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي چار اي چالان موڪليا ويا، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سڀئي چالان هڪ ئي تاريخ تي جاري ڪيا ويا، حڪيم الله جو چوڻ آهي ته هو مهيني جا 40 هزار رپيا ڪمائي ٿو، جڏهن⁠ ته هڪ ئي ڏينهن ۾ اهڙي رقم جيترا چالان اچڻ ناقابلِ برداشت آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.