17 ورهين جي عمر ۾ 16 سالن جي ڇوڪرن کي پڙهايو اٿم، ان وهيءَ ۾ ڇوڪرا ٻار ناهن هوندا: روميسه خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ٽڪ ٽاڪر روميسه خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن 17 ورهين جي عمر ۾ ٽيچنگ ڪئي هئي ۽ پاڻ کان هڪ يا ٻه سال ننڍن ڇوڪرن کي پڙهايو هو.
روميسه خان ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ننڍي عمر ۾ نوڪري ڪرڻ وارو دلچسپ قصو ٻڌايو.
هن چيو ته جڏهن هوءَ سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي هئي، تڏهن کيس سوشل ميڊيا جو مواد ٺاهڻ لاءِ آءِ فون گهربل پئي، پر وٽس پئسا نه هئا.
هن چيو ته آءِ فون لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ خاطر هن هڪ اسڪول ۾ نوڪري ڪئي، اسڪول وارن کيس ٽيچر طور ڀرتي ڪيو، ان وقت سندس عمر 17 سال هئي ۽ کيس اٺين جماعت جي شاگردن کي پڙهائڻ جي ذميواري سونپي وئي.
روميسه خان موجب، اِهو ڇوڪرن جو اسڪول هو ۽ اٺين ڪلاس جا هڙئي ڇوڪرا 15 کان 16 سالن جي عمر جا هئا، استاد ۽ شاگردن جي عمرن ۾ هڪ ٻن سالن جو فرق هو.
هن مُرڪندي چيو ته اٺين ڪلاس جا ڇوڪرا ٻار ناهن هوندا، پر اُهي وڏن جيان لڳندا هئا، کين ڏاڙهيون ۽ موڇون به هيون.
هن چيو ته پنهنجي عمر جي ڇوڪرن کي پڙهائڻ ۾ کيس ڏکيائي به ٿي، ڇو ته کيس لڳندو هو ته جيڪڏهن هوءَ ڪنهن ڇوڪري کي چماٽ هڻندي ته ڇوڪرا چماٽ تي به خوش ٿيندا ۽ هڪ ٻئي کي چوندا ”چماٽ جي بهاني ٽيچر ته هٿ ته لاتو .“
ان دوران اداڪارا انڪشاف ڪيو ته ڪجهه وقت اڳ انهيءَ اسڪول جي هڪ شاگرد کيس سوشل ميڊيا تي پيغام موڪليو ۽ چيو ته هو پنهنجي والدين کي سندس گهر موڪلڻ چاهي ٿو.
روميسه خان موجب، جڏهن هن پيغام موڪليندڙ ڇوڪري کي غور سان ڏٺو ته اهو سندس اٺين ڪلاس جو ئي شاگرد هو، پر هن کيس پيغام جو جواب نه ڏنو.
ٽڪ ٽاڪر پروگرام دوران ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هن شاگرد کي جواب نه ڏنو، پر هاڻي هوءَ ٽي وي ذريعي کيس پيغام ڏئي رهي آهي ته ”پٽ اهڙو ڪم نه ڪجانءَ.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.