پاڪستان تي قدرت مهربان، تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اٽڪ ۾ ڍوڪ سلطان واري هنڌ تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) موجب ڍوڪ سلطان ۾ کوهه نمبر 3 جي کوٽائي سان روز 1400 بيرل ڪچو تيل حاصل ٿيندو، جڏهن ته روز 2.5 ملين مڪعب فوٽ قدرتي گيس ۽ 15 ٽن ايل پي جي گيس حاصل ٿيندي.
ان کوهه ۾ پي پي ايل 75 سيڪڙو جو حصيدار آهي، قدرتي گيس سوئي ناردرن ۽ ڪچو تيل اٽڪ آئل ريفائنري کي وڪرو ڪيو ويندو.
پي پي ايل جو چوڻ آهي ته تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي دريافت سان ملڪي ناڻي جي وڏي بچت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.