دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي( انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل) طرفان وومينز ورلڊ ڪپ 2025ع جي ”ٽيم آف دي ٽورنامينٽ“ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وومينز ورلڊ ڪپ فائنلسٽ ٻنهي ٽيمن، ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا، جي ڇهن پليئرز کي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
انهن ڇهن ڪرڪيٽرز مان ٽن جو تعلق عالمي چيمپيئن ڀارت ۽ ٽن جو ڏکڻ آفريڪا سان آهي، جڏهن ته آسٽريليا جون ٽي رانديگرياڻيون به ٽورنامينٽ جي بهترين ٽيم ۾ جاءِ والاري چڪيون آهن.
پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر سدرا نواز کي وڪيٽ ڪيپر طور شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
انگلينڊ جي صوفي ايڪلسٽون به ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو حصو آهي، جڏهن ته سندس هم وطن نيٽ اسڪيور برنٽ کي ٻارهين پليئر طور شامل ڪيو ويو آهي.
ٽيم آف دي ٽورنامينٽ هن ريت آهي:
سمرتي منڌنا (ڀارت)
لورا وولوارٽ (ڪپتان/ڏکڻ آفريڪا)
جئميما روڊريگيئز (ڀارت)
مريزان ڪيپ (ڏکڻ آفريڪا)
ايشلي گارڊنر (آسٽريليا)
ديپتي شرما (ڀارت)
اينا بيل سدر لينڊ (آسٽريليا)
ناڊين ڊي ڪلرڪ (ڏکڻ آفريڪا)
سدره نواز، وڪيٽ ڪيپر (پاڪستان)
الانا ڪنگ (آسٽريليا)
صوفي ايڪلسٽون (انگلينڊ)
نيٽ اسڪيور برنٽ( انگلينڊ )
You might also like