ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪاره ممتا ڪلڪرڻي جي تازي بيان نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن مبينا طور تي انڊرورلڊ ڊان دائود ابراهيم کي 1993ع وارن ممبئي ڌماڪن کان آجو قرار ڏيندي چيو ته هو دهشتگرد نه آهي.
ممتا جو ڀارتي اخبار ” هندوستان ٽائمز“ کي ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ اداڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيووڃي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن اداڪارا تي الزام لڳايو ته هوءَ هڪ اهڙي ڏوهاريءَ جي ڀرجهلو ٿي بيٺي آهي جيڪو 1993ع وارن بم ڌماڪن جي مُک جوابدارن منجهان هڪ آهي،
واضح رهي ته 1993ع مهارشٽرا جي راڄڌاني ممبئيءَ ۾ سيريل بم حملن ۾ 257 ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
ٻئي پاسي تڪرار بيان کانپوءِ ممتا ڪلڪرڻي هڪ ٻيو وضاحتي بيان جاريڪندي چيو ته سندس هن جي لفظن جو غلط مطلب ڪڍيو ويو آهي.
خميس ڏينهن گورکپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو” مون دائود ابراهيم نه پر وڪي گوسوامي جي ڳالهه ڪئي هئي، دائود واقعي دهشتگرد آهي.“
ميڊيا رپورٽن موجب، وڪي گوسوامي ماضي ۾ منشيات سمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، سندس نالو ممتا ڪلڪرڻي سان پڻ به جوڙيو ويو هو، ممتا چيو ته سندس ڪڏهن به دائود ابراهيم سان لاڳاپا نه رهيا.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ” منهنجو هاڻي سياست يا فلمي دنيا سان ڪو واسطو ناهي، مان مڪمل طور تي مذهبي رستو اختيار ڪري چڪي آهيان، سناتن ڌرم جي پيروڪار طور منهنجي لاءِ ڪنهن به ملڪ دشمن عنصر سان تعلق رکڻ ناممڪن آهي.“
ياد رهي ته ممتا ڪلڪرڻي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ”ڪرانتي وِير“، ”ڪرن ارجن، ۽ ”چائنا گيٽ“ جهڙين فلمن سُپر هٽ فلمن ۾ مُک ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، هن 2002ع ۾ فلمي دنيا کي الوداع چيو.
سال 2016ع ۾ پوليس سندس نالو 20 ارب ڀارتي رُپين جي بين الاقوامي منشيات اسڪينڊل ۾ شامل ڪيو، پر 2024ع ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ ان ڪيس کي بي بنياد ۽ بدنينتي تي ٻڌ قرار ڏيندي ممتا خلاف ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي.
You might also like