لنڊن (ويب ڊيسڪ) سال 2025ع ۾ دنيا جي پرڪشش مرد جو اعزاز برطانوي اداڪار جوناٿن بيلي ماڻي ورتو آهي.
جڳ مشهور آمريڪي فيشن ميگزين ”پيپل“برطانوي اداڪار جوناٿن بيلي کي سال 2025ع جو دنيا جو سڀ کان پرڪشش مرد قرار ڏنو آهي.
اِهو اعلان گذريل رات مشهور آمريڪي شو ”دي ٽونائيٽ شو اسٽارنگ جمي فيلن“ ۾ ڪيو ويو.
جوناٿن بيلي نيٽ فليڪس جي مشهور سيريز ”بريڊجرٽن“ ۾ لارڊ انٿوني بريجرٽن جو ڪردار ادا ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو.
ان ڪاميابي کانپوءِ بيلي هالي ووڊ جو رخ ڪيو ۽ وڏين فلمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا، جن ۾ ”جراسڪ ورلڊ ري برٿ“، ”وڪڊ“ ۽ ان جي ايندڙ سيڪول ”وڪڊ: فار گڊ“ شامل آهن.
ياد رهي ته گذريل سال اهو اعزاز آمريڪي اداڪار جان ڪرسنسڪي حاصل ڪيو هو.