آئين ملڪ جو مقدس دستاويز آهي، پٿر تي لڪير ناهي، ترميمن جو عمل جاري رهندو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 18هين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن، انهن ۾ توازن آڻڻ ضرروي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته آئين ڪنهن به ملڪ جي مقدس دستاويز هوندو آهي، پر اِهو پٿر تي لڪير ناهي ، آئين ۾ بهتري لاءِ ترميمن جو عمل جاري رهندو آهي.
هن چيو ته ملڪي آئين ۾ 26 ترميمون ٿي چڪيون آهن، جيڪڏهن پارليامينٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت متفق هجي ته آئين ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي، 26هين ترميم کانپوءِ جن ڳالهين تي بحث ٿي رهيو آهي، اهو عمل جاري رهندو.
سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو ته ائين به ناهي جو اسان سڀاڻي 27هين ترميم آڻي رهيا آهيون، هاڪاري ڳالهه ٻولهه ۽ بحث جمهوريت جي خوبي آهي ۽ اهو جاري رهڻ گهرجي.
هن چيو ته مختلف معاملن تي پارليامينٽيرين ۽ سياسي جماعتن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، بنيادي مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندا آهن، اهڙيون شيون ترت لاڳو ناهن ٿينديون.
راڻا ثناءُ الله چيو ته 18هين ترميم سان مسلم ليگ ن کي ڪو مسئلو ناهي، 18هين ترميم صوبن ۽ وفاق وچ ۾ وسيلن جي ورهاست بابت آهي، 18هين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن انهن ۾ توازن ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته 18هين ترميم ۾ وسيلن جي ورڇ ڊگهي عرصي تائين ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ان وقت جي حالتن موجب 18هين ترميم ۾ وسيلن جي ورهاست جو توازن طئي ڪيو ويو، هاڻي جيڪڏهن عملي طور فرق پيدا ٿيو آهي ته ان تي ڳالهه ٻولهه ۽ غور ويچار ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، جيڪڏهن اتفاق راءِ ٿي ويو ته ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ترميم ٿي ويندي.
هن چيو ته عدليه سان لاڳاپيل ڪو اهڙو تڪراري معاملو ناهي، هڙئي جماعتون متفق آهن ته هڪ آئيني عدالت هئڻ گهرجي، آئيني عدالت جي جوڙ جڪ سان معاملن کي وڌيڪ بهتر نموني هلائي سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن فضل الرحمان سان گڏجي تجويز ڏني هئي ته آئيني عدالت بدران آئيني بئنچ قائم ڪئي وڃي، جڏهن آئيني بئنچ تي اتفاق ٿيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين مان نڪري وئي ۽ صحيحون به نه ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.