27 هين آئيني ترميمي بل 7 نومبر تي سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، آرٽيڪل 243 ۾ ڦيرڦار ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 27 هين آئيني ترميمي بل 7 نومبر تي سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.
ذريعن موجب سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جون اسٽينڊنگ ڪميٽيون اجلاس ۾ بل جو جائزو وٺنديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ستاويهين آئيني ترميم وارو بل ايندڙ هفتي منظور ڪيو ويندو.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت ستاويهين آئيني ترميم جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.
ستاويهون آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 243 ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد آرمي چيف کي ڏنل فيلڊ مارشل واري عهدي کي آئين ۾ شامل ڪرڻ ۽ تسليم ڪرڻ آهي.
تجويز ڪيل ترميم ۾ آئيني عدالتن وارو معاملو پڻ شامل آهي، ايگزيڪٽيو جي مجسٽريل پاور کي ضلعي سطح تي منتقل ڪرڻ به ترميمي تجويزن جو حصو هوندو، جڏهن ته سڄي ملڪ لاءِ هڪجهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ به ستاويهون ترميم ۾ غور هيٺ اچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.