ڏسڻو پوندو ڀٽو جو جانشين آئين جي حفاظت ڪري ٿو؟ اسد قيصر

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ جي اعليٰ ادارن مان هڪ ڀيرو ٻيهر آئيني ترميمن جون صدائون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، جيڪو انتهائي تشويشناڪ عمل آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جا زخم اڃا تائين تازاآهن ۽ هاڻي 27هين ترميم جي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.اسد قيصر جو چوڻ هو ته 1973ع جو آئين پاڪستان جو متفقه آئين آهي، جنهن تي ذوالفقار علي ڀٽو سميت سمورين سياسي پارٽين اتفاق ڪيو هو، تنهنڪري ڪنهن کي به ان ۾ هٿ وجهڻ نه گهرجي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هاڻي ڏسڻو پوندو ته ڀٽو جو سياسي جانشين ۽ سندس پارٽي انهيءَ آئين جي حفاظت ڪري ٿي يا ان جي روح ۽ شڪل کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.ملڪ جي سمورين جمهوريت پسند قوتن کي غير آئيني قدمن خلاف گڏ ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ نظام پنهنجن بنيادن سميت تباهه ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.