27 هين ترميم ذريعي سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: ثمر حيدر

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي زمينن، پاڻي، ٻيٽن ۽ معدنيات کي کپائڻ بعد سنڌ کي ورھائڻ چاھي ٿي، سنڌ ۾ ڪوبه صوبو ٺھڻ نه ڏينداسين، حڪومت پاران 27 ترميم ذريعي سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اھڙو عمل برداشت نه ڪنداسين  ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي، ثمر حيدر جتوئي  جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پيپلزپاٽي ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن پيپلزپارٽي وارا وفاق سان ملي ڪري اقتدار جي حوس ۾ سنڌ کي ورھائڻ جون سازشون پيا ڪن پر اسين 27 آئيني ترميم ۽ سنڌ ۾ نون صوبن جي مخالفت ڪنداسين، پيپلزپارٽي سنڌ سان غداري پئي ڪري پيپلزپارٽي جو زوال اچڻ وارو آهي تاريخ گواھ آهي جنھن به سنڌ امڙ سان غداري ڪئي اھي مٽجي ويا، پيپلزپارٽي سنڌ جون زمينون، ٻيٽ، زرعي پاڻي ، معدنيات سمورا وسيلا اقتدار جي لالچ ۾ وڪڻي ڇڏيا آهن ڳالھه ھاڻي مذمت کان چڙھي وئي آهي ھاڻي سنڌين کي عملي جدوجھد ڪرڻي پوندي سنڌ ھاري ڪاميٽي سنڌ ۾ نون صوبن جي مخالفت ڪري ٿي ۽ اسين نون صوبن خلاف ڀرپور نموني پرامن جدوجھد ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.