اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته پ پ آئين ۾ آمريتي شقون ختم ڪيون هيون،پ پ ارڙهين ترميم کي ٽرافي سمجهي رهي هئي،هاڻي ترميمن ۾ صدارتي اختيارگهٽائڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي، ارڙهين ترميم جون ڪجهه شقون ختم ڪيون پيون وڃن، اسان ڏسنداسين ته پ پ ڪهڙو ردعمل ڏئي ٿي،هن چيو ته پ پ 27هين ترميم آڻڻ چاهي ٿي ته پارليامينٽ ۾ بحث ڪري،افسوس جي ڳالهه آهي ته وزير 27 هين ترميم بابت ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا،بلاول خبر ليڪ ڪري عوامي ردعمل ڏسڻ چاهي ٿو،جيڪو به عوامي ردعمل هجي پ پ اهو ئي ڪندي جنهن لاءِ کيس”ڪٿان“اشارو ڏنو وڃي،27هين ترميم ۾ جي يو آءِ جو ڪردار اهم هوندو،سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته زرداري شطرنج جو وڏو کلاڙي آهي،27هين ترميم آساني سان منظور ٿيڻ واري آهي،بلاول بيان ڏئي سٺو قدم کنيو آهي،وفاق خيرات پيو گهري،صوبن وٽ وڏو پئسو اچي ويو آهي،