27هين ترميم ۾ اين ايف سي مان صوبائي حصي جو تحفظ ختم پيو ٿئي\بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27هين ترميم جي حمايت جي درخواست ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ مسلم ليگ نون جي وفد صدر آصف علي زرداري ۽ مون سان ملاقات ڪئي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پ پ کان 27هين ترميم جي حمايت جي درخواست ڪئي، ترميم ۾ آئيني عدالت جو قيام، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽس ۽ ججن جي بدليون شامل آهن. هن چيو ته اين ايف سي ۾ صوبائي حصي جو تحفظ ختم ڪرڻ به 27هين ترميم جو حصو آهي، تجويزن ۾ آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي، تعليم ۽ آبادي جي رٿابندي کي وفاق ڏانهن واپس آڻڻ جي ترميم به شامل آهي. پ پ چيئرمين ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم ۾ اليڪشن ڪميشن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ به شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي قطر مان واپسي کانپوءِ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس 6 نومبر تي ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي پاليسي طئي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس 6 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي. پڌرائي موجب، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.