ڪارڪن کنڀي گم ڪرڻ ۽ عدالتن کان مٿانهن قتلن خلاف حيدرآباد ۾ قوم پرست پارٽين جو ڌرڻو

 حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي واڌو واھ نيشنل هاءِ وي تي جبري گمشدگين ۽ ڪراچي پوليس پاران ڊاڪٽر مھمير تنيو  جي قتل. غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ کين عدالتن مان ٻيھر کنڀڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو، ان ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو،  جسقم (ش ب) جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي. قومي پارٽي جي نواز خان زنئور. جست جي انور بڙدي ۽ پروفيسر آدم ٻُٽَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي ڪراچي ويندڙ شاھراھ کي مڪمل بند ڪيو ويو،  ڌرڻي کي خطاب ڪندي جسم چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته هڪ ڀيرو ٻيھر قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي. جسم اڳواڻ صوبدار چانڊيو سميت سمورا گم ڪيل قومي ڪارڪن بيگناھ آھن. اڳ ۾  سرائي قربان کھاوڙ، روپلو چولياڻي، مقصود خان سلمان وڌو ۽ ٻيا زنده ساڙيا ويا ۽ انهن جا لاش ڦٽا ڪيا ويا ۽ ٻين کي گوليون هڻي سندن چچريل لاش روڊن تي ڦٽا ڪيا ويا. هن چيو ته ھاڻي وري گهرن ۽ اسپتالن دڪانن ۽ شھرن مان قومي ڪارڪنن کي کڻي انهن جي مٿان ڪوڙا ھٿرادو ڪيس هڻي ۽ بارود ظاھر ڪري انهن پر امن سياسي ڪارڪنن کي دھشت گرد ڏيکاريو  ويو آھي. جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته غني امان ۽ سرمد کي اسپتال ۽ گهر مان کنڀيو ويو پوءِ انهن کي ڪوڙو ڪيس هَڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏھن عدالت کين باعزت بري ڪيو. تڏھن عدالتن جي توھين ڪري کين ٻيھر کڻي گم ڪيو ويو آھي. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، صوفي حاجن شر جڏھن روڊ تي نڪري احتجاج ڪن ٿا ته انهن تي ڪوڙا ڪيس هڻي ايف آءِ آر ڪٽيون وڃن ٿيون. جڏهن ڊاڪٽر مھمير تنيو ڪراچي شھر ۾ پنهنجو ميڊيڪل جو سامان وٺڻ وڃي ٿو ته ان کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو وڃي ٿو. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته عدالتن کان مٿانهان قتل ۽ جبري گمشدگيون بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي. ملڪي اسٽبلشمينٽ ۽ پ پ جي ڦرلٽ ۽ رياستي دھشتگردي ذريعي خوف پيدا ڪيو ويو آھي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو حڪمرانن جي ڏاڍاين ۽ بربريت جي خلاف آواز نه اٿاري سگهن. هن چيو ته جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جيئي سنڌ جي ٻين تنظيمن توڙي ٻين قوپرست جماعتن ۽ قانوندانن جو گڏيل اجلاس اڱارو 4 نومبر  تي سخي ستار ڏنو چولياڻي حيدرآباد ھائوس تي رکيو ويو آھي. جنهن ۾ سنڌ جي مڙني گهڻ گهرن کي گهرائي گڏيل اجلاس ڪري جبري گمشدگين ۽ عدالتن کان مٿانهين قتلن خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙينداسين. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پ پ جي دور ۾ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪن کنڀيا ويا هڪڙن کي زنده ساڙيو ويو ۽ ھڪڙا گم ڪيا ويا. جن جو ڪو به پتو ناهي. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور ڳالهائيندي چيو ته ويجهي ماضيءَ ۾ ڏھن سالن کان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون پيو وڃن. قومي ڪارڪن کنڀيا وڃن ٿا. شھيد ڪيا وڃن ٿا جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. ان موقعي تي پنھل جمالي پنھل ساريو اياز سولنگي، نظير شيخ راھول چولياڻي جست اڳواڻ انور بڙدي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.