ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي تي 6 ڏينهن ۾ 26,155 کان وڌيڪ اي چالان ڪٽيا ويا آهن، جنهن ۾ جديد خودڪار اي ٽڪٽنگ سسٽم تحت ٽريفڪ پوليس قدم کنيو آهي. رپورٽ مطابق، ڪراچي ٽريفڪ پوليس ان ڇهن ڏينهن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 3,283 وڌيڪ اليڪٽرانڪ چالان جاري ڪيا. ان دوران ڪيتريون ئي خلاف ورزيون سامهون آيون، جن ۾ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ، هيلمٽ کان سواءِ موٽر سائيڪل هلائڻ، ريڊ لائيٽ ڪراس ڪرڻ ۽ اوور اسپيڊنگ شامل آهن. جمعي ۽ آچر جي رات 12 بجي کان پوءِ تائين، سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 1,992 اي چالان، هيلمٽ کان سواءِ موٽر سائيڪل هلائڻ تي 761، ريڊ لائيٽ تي وڃڻ تي 119، موبائل فون استعمال ڪرڻ تي 87، ۽ اوور اسپيڊنگ تي 104 اي چالان ڪيا ويا. ان کان سواءِ ڪارن شيشن تي 71، نوپارڪنگ( غلط هنڌ گاڏي بيهارڻ) تي 26، غلط رستي تي 14، اوور لوڊنگ تي 2، ۽ بنا اجازت لوڊ رکڻ تي 10 اي چالان جاري ڪيا ويا. ان جي سواءِ بسن جي ڇت تي مسافرن کي بيهڻ تي 58، اسٽاپ لائن جي ڀڃڪڙي تي 28، ۽ ون وي تي غلط طرف وڃڻ تي 2 اي چالان ڪيا ويا. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان چيو آهي ته هن نظام جو مقصد شهري عوام ۾ ٽريفڪ قانونن جي پيروي کي يقيني بڻائڻ ۽ مؤثر نگراني ڪرڻ آهي، ۽ عوامي تعاون سان اهو نظام وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.