اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن تي تشدد ۽ گوڙ ڪندڙ نوجوان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، اسلام آباد پوليس موجب نوجوان گذريل رات آءِ-8 مرڪز ۾ گوڙ ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن سان جهيڙو ڪيو، پوليس چيو آهي ته نوجوان جي اهلڪارن سان جهيڙي ۽ گارين واري وڊيو سامهون آئي هئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪري رهيو آهي، وڊيو ۾ اهو به ڏٺو ويو ته جهيڙي کان پوءِ نوجوان پنهنجي گاڏي ۾ ويهي فرار ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪارن سان جهيڙو ۽ گوپڙ ڪندڙ نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهنته سندس گاڏي به پوليس تحويل ۾ ورتي وئي آهي.