ڪراچي( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر+ عرفان بلوچ) ڪراچي ۾ روشن خيال ۽ سنڌ دوست عالم مولانا عزيز الله ٻوهيو جي چوٿين ورسي تقريب ڪوٺائي وئي، سنڌ ساگر اڪيڊمي طرفان ڪراچي پريس جي ادبي ڪميٽي جي تعاون سان منعقد تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته مولانا عزيز الله ٻوهيو متحرڪ ڪردار ھو، رومال ڪلھي تي رکي قوم لاءِ جھر جھنگ نڪري پوندو ھو، ساڻس جدوجھد ۾ گڏ رھياسين، وطن ۽ ماڻھن جي خوشحالي توڙي ترقي ھن جي ڪم کي وساري نٿو سگھجي، ھميشه چوندو ھو ته اوھان تاريخ مان ڳالھائيندو پر مونکي قرآن مان ڳالهائڻو پوي ٿو، سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ ٿي ته ھن ڄامشورو مان پيرين پنڌ نڪرڻ لاءِ ارادو ڪيو. سيد زين شاھ چيو ته ملڪي سطح تي وڏا چئلينج آهن، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پليٽ فارم تان به گڏيل جدوجھد ڪيون پيا، سنڌ سميت ھر صوبي ۾ سياسي قيدي آھن، ڪي مسنگ پرسن آھن، نوجوانن کي مستقبل لاءِ سوچڻو آھي، بنيادي حق ۽ وسيلا ڦريا پيا وڃن، ھر صوبي جا الڳ مسئلا آھن، ڪمپني سرڪار پاڻي ۽ زمينن سميت ٻين وسيلن کي ڪمرشل بنيادن تي فيصلا ڪري رھي آھي، سامونڊي پٽي ڪوسٽل بيلٽ ٻين ملڪن کي ڏني پئي وڃي، مقامي ماڻھن وٽ بنيادي سهولتون ناھن، حڪومت ۽ ڪمپني سرڪار جا آھي سڀ گڏيل مفاد آھن، ھن چيو ته ملڪي سرحدن جي حالت خراب آھي، دھشتگردي اتان ٿئي پئي، منشيات اتان اچي پئي، ڪو به ڪنٽرول ناھي، پاڻي ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ ملڪي مفاد ۾ ناھن، 26 ھين ترميم ذريعي عدليه کي وڃايائون، پيڪا ايڪٽ آندو ويو، ملڪ جي اندر ۽ سرحدن تي مھذب طريقا اختيار ڪرڻا پوندا.اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي وحدتن ۽ فيڊريشن کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، سنڌ مٿان قبضو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته وفاقي پارليامينٽ جي ادارن ۾ پنجاب جي اڪثريت آهي، ان ڪري انصاف نه ٿو ملي، سنڌ سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ وڌيڪ زيادتيون ڪرڻ جي تياري ٿي رهي. ملڪي حالتون ۽ معاملا سڌارڻ لاءِ سياسي قيدين جي آزادي ضروري آهي، ھر ادارو آئيني حدن ۾ رھي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري، ڪرپشن ايتري خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آھي، وطن جي دفاع، خوشحالي، ترقي ۽ شعور لاءِ جي ايم سيد ۽ مولانا عزيز الله ٻوهيو جھڙن ڪردارن جو پيروڪار ٿيڻو آهي. . مولانا طارق کڏي واري چيو ته هندستان جي ورهاڱي کان اڳ به مولوي سنڌ جي حقن جي تحفظ جي اڻ تڻ رکندا هئا ۽ جميعت علماءِ هند هندوستان جي ورهاڳي خلاف هئي، هن چيو ورهاڱي بعد به مولانا عزيز الله ٻوهيو جهڙن عالمن سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ زيادتين خلاف اسلام جي فڪر تحت مزاحمت ڪئي هن چيو ته 1972 جي جمعيت علماء اسلام جي هڪ اجلاس ۾ مولانا عزيز الله ٻوهيو ۽ ٻين عالمن گڏجي سنڌي ٻوليءَ سميت ڌارين جي آبادگاري متعلق هڪ دستاويز تيار ڪيو هو، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر چيو ته مولانا عزيز الله ٻوهيو مسلسل جدوجهد جي علامت هو، هن ڀورو ڀيل جو سماجي مذهبي ڪيس وڙهيو ۽ وصيت ڪئي ته کيس ڀيلن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي، هن توهين مذهب جي مسئلي کي قرآن ۽ اسلام جي اصولن جي نفي قرار ڏني. ان موقعي تي ثمر حيدر جتوئي، نيل چنڊ، پروفيسر عبالحميد چانڊيو، مهيش ڪمار ، امتياز فاران ،وقار ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مولانا عزيز الله ٻوهيو هڪ وڏو اسلامي مفڪر ۽ عالم ۽ مذهبي رواداري رکندڙ سنڌي قوم دوست عالم هو،هنن چيو ته هن ڪافي آڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن، جن کي شايع ڪرائڻ گهرجي.