حڪمرانن هٿ سان سنڌ جو امن تباهه ڪيو آهي:مرتضيٰ جتوئي

مورو (ن ع آ) موري ويجهو ڪچي جي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور احمد جتوئي وفد سان گڏ شھيد زاھد لغاري ۽ شھيد عرفان لغاري جي تڏي تي ڇهن مهينن کانپوءِ پهچي تعزيت ڪئي ۽ شھيدن جي روحن جي مغفرت لاءِ دعا گهري، ان موقعي تي غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد زاھد لغاري ۽ شھيد عرفان لغاري جي شهادت سان نه رڳو لغاري برادري پر سڄي علائقي کي وڏو نقصان رسيو آهي، هن چيو ته نيشنل پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي هميشه پنهنجي مظلوم عوام سان گڏ بيٺل آهن، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهندي، هن چيو ته هٿ سان حڪمرانن سنڌ جو امن تباهه ڪيو آهي، ڳوٺ بجراڻي لغاري واسي ۽ اسان دهشتگرد ناهيون، سنڌ ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، بيگناهن جو رت وهايو پيو وڃي ۽ حڪومت تماشائي بڻيل آهي، شھيد لغارين جي قتل جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي فوري طور گرفتار  شهيدن جي بيگناهه خونن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.