نون صوبن جو راڳ وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ آهي:لال جروار

شاھپور چاڪر (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ضلعي صدر عطاءُ الله انڙ، راڻو ڪنڊاڻي، علي نواز ڏاهري ۽ عمر ڏاھري شاھپور چاڪر جي ڳوٺن شرف الدين بگٽي، مٺل وساڻ، عمر آباد، امان الله ڏاھري جي ڳوٺن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ  عوامي تحريڪ  ضلعي سانگھڙ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۽ پريس ڪلب شاھپور چاڪر  ۾ صحافين کي 16 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان نڪرندڙ احتجاجي مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏنيون، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 16 نومبر تي ٿيندڙ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي. شاھپور چاڪر پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اقتدار پرست سياستدانن، اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي بدترين آمريت ۽ هائبرڊ مارشل لا مڙهي، قانون، آئين، قومن جي حقن ۽ بنيادي انساني حقن کي معطل ڪري ڇڏيو آھي.حڪومت سنڌ ۾ موجود لکين افغانين کي واپس موڪلڻ لاءِ تيار ناھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته  ستاويهين آئيني ترميم وسيلي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو منصوبو دراصل آمريڪي سامراجي سازش آهي سنڌ اندر نوان صوبا ٺاهڻ جو مقصد سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري نئون اسرائيل ٺاھڻ جي برابر آهي، جيڪو ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ سازش آهي ۽ ننڍن صوبن جي وسيلن تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اجلاس ضلعي صدر عطاء الله انڙ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ راڻو ڪنڊاڻي، علي نواز،امير مغيري، موسي راڄڙ، عالم لغاري، غلام قادر ماڪوڙاڻي، عظيم لغاري، ستار، خادم ڪٽوھڙ، سڪندر، جمن ڪنڀار، ھوش محمد ڏاھري ۽ ٻين شرڪت ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.