کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ ۾ اڄ مظاهرا ڪيا ويندا

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن صوبدار چانڊيو غني امان سرمد ميراڻي جي بازيابي ۽  قومپرست اڳواڻڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنھل ساريو صوفي حاجن شر ۽ ٻين مٿان ٿيل اي ٽي سي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف اڄ حيدرآباد نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو لڳندو ۽ سڄي سنڌ ۾ پڻ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا ، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پاران جسقم (ب ش) چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جسقم آريسر چيئرمين اسلم خيرپوري جسقپ چيئرمين نواز خان زنئور جست چيئرمين شبير جمالي سيد فيملي جي سيد منير حيدر شاهه سان رابطو اڳواڻن پاران ڌرڻي جي حمايت ۽ ڀرپور شرڪت جي خاطري، رياض علي چانڊيو چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سرزمين تي غير محفوظ آهن سنڌ جي اندر قانون جمهوريت ۽ انصاف حقن جو مڪمل خاتمو آهي ڏاڍ ۽ لاقانونيت جو نظام بربا ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پر امن باڪردار ۽ باشعور ماڻهن مٿان هر وقت سرڪار جو خوف ۽ ڏاڍ ويٺل آهي ته عوام جي حقن ۽ سنڌ جي تحفظ جي ڳالهه نه ڪريو آهي ڪارڪن انصاف ۽ حقن جي بحالي جي گهر ڪن ٿا سنڌ ۾ مارشلائي دور آهي جنهن ۾ سنڌ جا ڪروڙين انسان زندگي گذارن ٿا سياسي ڪارڪن سماجي ڪارڪن قانوندان صحافي وڏي عضاب ۾ آهن ڪرپشن گردي ڌاڙيل گردي مصطفي منشيات گردي عام آهي ڪراچي مان ڊاڪٽر مهمير تنيو کي پوليس کڻي قتل ڪري ڇڏي ان کان پڇاڻو ناهي صوبدار چانڊيو غني امان چانڊيو سرمد ميراڻي سميت لاتعداد سياسي ڪارڪنن کي رات جي انڌير ۾ گهڙڻ مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.