سنڌ سرڪار ڏکي وقت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ راول هائوس راهوڪي ۾ پنهنجي تڪ جي عوام سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وڏي تعداد ۾ مقامي اڳواڻن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽  عام شهرين شرڪت ڪئي. عوام صوبائي وزير کي پنهنجن مسئلن، شڪايتن ۽ علائقي ۾ درپيش مختلف مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي خدمت کي عبادت سمجهي ٿي ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه عوام سان گڏ بيٺي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي بي لوث خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ عوام ئي اسان جي پهرين ترجيح آهي. پيپلز پارٽي جو نصب العين هميشه عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي رهيو آهي،هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به مشڪل وقت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ڀلي اهي قدرتي آفتون هجن، معاشي دٻاءُ هجي يا سماجي مسئلا، حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.