ناياب معدنيات ۾ آمريڪي دلچسپي، وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناياب قسم جي معدنيات ڪڍڻ بابت آمريڪي وفد پاڪستان پهچي ويو، سپلائي چين ۽ سيڙپڪاري تي بحث ڪيو. آمريڪي ڪريٽيڪل منرلز فورم جي صدر رابرٽ لوئس ۽  آمريڪا جي نگران ناظم الامور نتالي بيڪر ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ معدنيات ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ، رسد ۽ پهچ جي تحفظ ۽ پائيدار ۽ ذميوار سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.محمد اورنگزيب چيو ته هڪ گڏيل ۽ مضبوط معدنيات پاليسي پاڪستان کي برآمدن تي ٻڌل ترقي ۽ ڊگهي مدي جي معاشي استحڪام جي رستي تي آڻي سگهي ٿي. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي سڌارن جي ايجنڊا ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن موجب سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.