پاڪستان، ڳالهين بابت افغان حڪومت جي ترجمان جو بيان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان افغانستان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جو گمراهه ڪندڙ بيان رد ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وزارت موجب، استنبول ڳالهين بابت حقيقتن کي افغان ترجمان ٽوڙي مروڙي  پيش ڪيو. پاڪستان افغان سرزمين تي موجود دهشتگردن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، افغان ڌر جي دعويٰ تي پاڪستان فوري طور تي تحويل جي آڇ ڪئي، ۽ واضح ڪيو ته دهشتگردن جي حوالگي سرحدي انٽري پوائنٽس وٽان ممڪن آهي. اطلاعات واري وزارت موجب، پاڪستان جو موقف واضح، مستقل ۽ رڪارڊ تي موجود آهي، افغانستان طرفان ڪوڙيون دعوائون حقيقتن جي ابتڙ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.