لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبائي کاتن ۾ نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن لاءِ پينشن جي سهولت ختم ڪري ڇڏي.
پنجاب حڪومت نون ڀرتي ٿيندڙن ملازمن لاءِ پينشن جي سهولت ختم ڪري ڇڏي آهي، حڪومت طرفان اهو قدم مالي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي.
ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اها نئين پاليسي سڀني ڀرتين تي لاڳو ٿيندي پر 2018 جي قانون تحت اڳ کان مقرر ملازمن تي لاڳو نه ٿيندي.
ان تفصيلي تحت هاڻ مستقل ڪيا ويندڙ ڪانٽريڪٽ ملازم به پينشن جا اهل نه هوندا، نئين پاليسي تحت هاڻ صوبائي کاتن ۾ نيون ڀرتيون بنيادي پگهار بدران لمپ سم پيڪيج تي ڪيون وينديون، جنهن جو مقصد پينشن جي خرچن کي قابو ڪندي ناڻي تي بار گهٽائڻ آهي.
ان پاليسي کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت ”پنجاب ريگولرائزيشن آف سروس ڪينسليشن آرڊيننس 2025“ جاري ڪيو آهي، جيڪو گورنر جي منظوري سان 31 آڪٽوبر کان لاڳو ٿي ويو آهي.
اهو آرڊيننس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ريگولرائزيشن آف سروس ايڪٽ 2018 باضابطا طور رد ٿي ويو آهي.
You might also like