ڀارت ‏۾ هسپانوي راڳيءَ جو ڪنسرٽ، بشني 70 کان وڌيڪ موبائيلون ٻهاري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور هسپانوي پاپ گلوڪار اينريڪ ايگليسيئس جي ڀارتي شهر ممبئي ۾ ڪنسرٽ دوران 73 موبائل فون چوري ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، ممبئي ۾ اينريڪ ايگليسيئس جو ڪنسرٽ ٿيو، جنهن ۾ 25 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي.
هسپانوي گلوڪار جي ڪنسرٽ جي گهٽ ۾ گهٽ ٽڪيٽ جي قيمت به 7 هزار ڀارتي رپيا هئي.
رپورٽن موجب، ڪنسرٽ دوران بشني 73 موبائل فون ٻهاري ويو، جن جي ڪُل ماليت 24 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ممبئيءَ جي مقامي ٿاڻي ۾ موبائل فونز چوري بابت 7 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن.
رپورٽن موجب، بالي ووڊ اداڪارن سميت ڪيترائي اهم شخصيتون به ڪنسرٽ ۾ موجود هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.