اي ٽي ايم يا بينڪ مان رقم ڪڍرائڻ تي ڊبل ٽيڪس!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ٽيڪس نيٽ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ نان فائلرز کي هر اي ٽي ايم يا بينڪ ٽرانزيڪشن تي وڌيڪ ادائيگي ڪرڻي پوندي.
وفاقي حڪومت ٽيڪس وصولين ۾ واڌ لاءِ وڏي پيماني تي قدمن جي تياري ڪري ورتي، حوڪمت نان فائلرز لاءِ بينڪ مان رقم ڪڍرائڻ تي ٽيڪس 0.8 سيڪڙو مان وڌائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن سان تقريبن 30 ارب رپين جي واڌو آمدني جو امڪان آهي، ان قدم سان لکين نان فائلرز کي هر اي ٽي ايم يا بينڪ ٽرانزيڪشن تي وڌيڪ ادائيگي ڪرڻي پوندي.
اها قدم موجوده مالي سال جي ٻين ٽن مهينن ۾ 200 ارب رپين جي روينيو خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن، ايف بي آر گذريل 6 مهينن ۾ هدف پورو نه ڪري سگهيو، 3 هزار 83 ارب رپين جي هدف جي ڀيٽ ۾ 2 هزار 885 ارب رپيا جمع ٿي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.